شاهي امام بارگاهه

شاهي امام بارگاهه

شاهي امام بارگاهه

شاهي امام بارگاهه: هيءَ قديم امام بارگاهه، تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپور ميرس ۾ واقع آهي، جيڪا مير فيض محمد خان ٽالپر تعمير ڪرائي هئي. هن بارگاهه جي مکيه لنگھه واري دروازي جو نالو ‘باب زينب’ رکيو ويو، جيڪو اڄ تائين ان نالي سان سڏجي ٿو. امام بارگاهه ۾ مير فيض محمد خان جي دور جا ڪاٺ مان تيار ڪرايل تعزيا پڻ پيل آهن، جيڪي هرسال محرم الحرام جي ڏينهن ۾ شهداءِ ڪربلا ۽ اسيران شام جي ياد ۾ عزاداري ۽ ماتمداريءَ سان کنيا وڃن ٿا. هزهائينس مير علي نواز خان ‘ناز’ جي مڙهه کي پڻ هن امام بارگاهه جي احاطي ۾ ڪجھه وقت لاءِ امانت طور رکيو ويو هو، جنهن کي بعد ۾ ڪربلا معلى ۾ دفنايو ويو.
شاهي امام بارگاهه جي عمارت سازي سنڌ جي فن تعمير جو نادر نمونو آهي. هيءَ عمارت انگريزي الفابيٽ جي اکر ‘T’ جي شڪل تي اڏيل آهي. چوڌاري وڏو چوگان اٿس، جنهن ۾ مٽي پيل آهي. امام بارگاهه جي عمارت کي چؤگرد ننڍي ديوار ڏنل آهي، جنهن جي ٻاهرين طرف ڳتيل آباديءَ وارا رهائشي گھر آهن. عمارت جي مکيه لنگھه ۾ ونگائين چؤڪاٺيءَ سان دروازو لڳل آهي. مهاڙيءَ ۾ مکيه دروازي جي ٻنهي پاسي پانيل آهن، جيڪي مٿي وڃي تاج ٺاهين ٿا، جنهن تي پاسن کان دڪين تي ٻه ننڍا گنبذ ۽ وچ تي انهن کان ڪجھه وڏو نمائشي گنبذ آهي. ان گنبذ تي علم پاڪ لڳل آهي. مهاڙيءَ ۾ ٻنهي پاسن کان ونگدار دريون آهن، جن ۾ ڪاٺ جا تاڪ نصب ٿيل آهن. درين جي مٿان سرن جي ڪنارين جا ٻاهر نڪتل لينٽيئر ۽ انهن جي مٿان هوا لاءِ سنهڙيون ڄاريون ڇڏيل آهن. عمارت جي مهاڙيءَ جي ٻنهي طرفن کان ٿنڀ آهن، جن کي پيڙهه وٽان گلدانيءَ جهڙي گھڙاوت ڏئي خوبصورت بڻايو ويو آهي. ٻئي ٿنڀ مٿي مينار جي شڪل وٺن ٿا، جن جي چوٽيءَ تي نيلن سان نمائشي ننڍا گنبذ ٺهيل آهن. عمارت جي مرڪزي حجري تي ٻنهي پاسن کان ڇت جيتري ديوار آهي، جنهن کان اندران اڱڻ آهي. ديوار جي اڳئين ٻنهي ڪنڊن تي پڻ ساڳئي طرز جا ٿنڀ ۽ انهن تي ننڍا گنبذ آهن. ديوار تي اڀي سرن جي ڪناري ڪڍي ان تي نمائشي ننڍن گنبذن جي قطار ٺاهي وئي آهي. مرڪزي هال ۽ ڪمرا ڪافي ڪشادا آهن، جنهن کي ٻنهي طرفن کان ڏهه ڏهه ڇڄا نڪتل روشندان آهن. ڇت کي سرن جي ٻاهر نڪتل ڪنارين سان ٻيڙٻنو آهي. ڇت جي مٿئين حصي کي گاري ۽ چن جو ليپو ڏنل آهي ۽ برساتي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ نيسارا لڳل آهن. عمارت کي ساڄي پاسي کان ونگدار لنگھه ۾ چؤڪاٺيءَ واري دروازي جو ٻيو لنگھه پڻ آهي، جڏهن ته کاٻي پاسي کان پڻ ٻاهرين ديوار ۾ ڏهه ساڳيءَ طرز جا پر ننڍا دروازا ڇڏيل آهن. عمارت جي پوئين حصي ۾ مرڪزي هال کان ڪجھه هيٺائين ڇت سان ڪمرو آهي. امام بارگاهه جي اندرئين طرف رنگ روغن ٿيل آهن، فرش سنگ مر مر جو آهي. ديوارن ۾ ونگدار نمائشي گنبذيون آهن، جيڪي محرابن جي شڪل پڻ ڏسائين ٿيون. ڇت ڪامن ۽ ٽيئرن تي گل وارين سرن سان اڏيل آهن. امام بارگاهه ۾ تعزين ۽ روضن جا علامتي تابوت رکيل هوندا آهن، جن جي باقاعدي سنڀال ڪئي وڃي ٿي ۽ محرم جي مهيني ۾ اهي امامن جي ياد ۾ کنيا وڃن ٿا. امام بارگاهه'>شاهي امام بارگاهه مان هر سال محرم جي مهيني ۾ وڏا جلوس برپا ٿين ٿا. هتي مجلسون ٿين ٿيون، جن ۾ ناليوارا عالم ۽ ذاڪر خطاب ڪندا آهن. هيءَ امام بارگاهه تاريخي يادگار هئڻ سان گڏ اهم مذهبي هنڌ پڻ آهي، جيڪا اڪثر يادگارن وانگري چڱي سنڀال هيٺ آهي.


لفظ شاهي امام بارگاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو